Saturday 4 June 2016

کجين کي لڳندڙ

خيرپور ضلعي ۾ کجي جي فصل کي لڳل وائرس ۽ زراعت کاتي جي خاموشي
نوڪر علي ڪانهر / پير جو ڳوٺ
زراعت اسانجي ملڪ ۾ ڪرنگهيءَ  جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي ۽ اسانجي ملڪ جي معيشيت جو دارومدار زراعت تي آهي پر زراعت کاتي پاران زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بنهه ڪي به اپاءَ نٿا ورتا وڃن جنهنڪري ڪٿي فصل تباهه ٿي رهيا آهن ته ڪٿي زمينون غير آباد  ٿي ويون آهن خيرپور کجور منڊي ايشيا جي وڏين کجور منڊين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ هن وقت به خيرپور  ضلعي جي ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، گمبٽ، ڪوٽ ڏيجي، پريالوءِ، بخشو واهڻ، گاگڙي، باگو ڦلپوٽو، رپڙي، بهارو، صدرجي ڀٽِيون، کهڙا، ڪوٽ مير محمد، الرا جاگيرا ۽ ٻين علائقن ۾ 2 لک ايڪڙن تي کجين جا باغ بيٺل آهن ۽ هر سال لکين ٽن کجين جا ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ايسڪپورٽ ڪيا ويندا آهن ۽ ججهو ناڻو حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ هزارين ماڻهن جو روزگار کجور سان لاڳاپيل هوندو آهي جڏهن ته خيرپور ضلعي جي کجور سنڌ جي معيشيت تي اثر رکي ٿي پر خيرپور ضلعي اندر کجي جي فصل تي ” ٻر “ نالي وائرس حملو ڪري ڏنو آهي جنهن ڪري بيٺل کجي جو فصل سڙي تباهه ٿي رهيو آهي اهڙي صورتحال ڪري آبادگار سخت پريشان حال ٿي ويا آهن ڇوته کين ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي آباگارن موجب، زراعت کاتو جيڪو لکين رپين جي بجيٽ حاصل ڪري ٿو ۽ وڏا وڏا آفيسر وڏيون مراعتون حاصل ڪيون ويٺا آهن ڪروڙين رپين جو نقصان تي سندن مٿي ۾ جوءن  به نه چري آهي آبادگارن موجب ڄاڻايل وائرس لڳڻ ڪري کجي جو وڻ ڪوئر کان سڪڻ شروع ڪري ٿو ۽ مڪمل طور مفلوج بڻجي وڃي ٿو ۽ کجي ۾ بيٺل ڦر (کسون) ڇڻي وڃڻ ٿيون ۽ اڳ ۾ خيرپور ضلعي اندر کجي جي فصل تي جهازن ذريعي اسپري ڪرايو ويندو هو  جنهن سان کجي جو فصل هر بيماري کان محفوظ هوندو هو پر هاڻ زراعت کاتي پاران اهڙا اسپري نه ڪرڻ ڪري کجي جي فصل کي بيماري وڪوڙي وئي آهي آبادگارن موجب مارڪيٽ مان ڳري رقم تي زرعي دوائون وٺي اسپري وغير ڪيون پيا پر بيماري تي ڪنٽرول نٿو ٿئي جنهنڪري آبادگار ويتر ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويا آهن انڪري زراعت کاتي کي گهرجي ته هنگامي بنيادن تي کجي جي فصل کي لڳل بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي کجي جي فصل کي بچائي آبادگارن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.