Wednesday 12 April 2017

Tuesday 24 January 2017

پارا چنار

”پاره چنار سبزي منڊي جنگ جو ميدان بڻجي ويئي“ دھشتگرديءَ جي باھ ۾ سڄي دنيا سڙي رهي آھي. دهشتگردي سڄي دنيا جي لاءِ مسئلو بڻيل آھي. دهشتگرد انسانيت جا دشمن خوني درندا آهن، دهشتگردن جو ڪو بہ مذھب نہ آھي ۽ نہ ڪوئي ايمان آھي. ڪالھ پاره چنار جي سبزي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ خودڪش بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 50 کان مٿي زخمي ٻڌايا وڃن ٿا، بم ڌماڪي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان جي لشڪر جنهگوي قبول ڪئي آهي. سوشل ميڊيا جي ذريعي جاري ٿيل هڪ بيان جي مطابق انهن جو چوڻ آهي ته هي حملو ملڪ اسحاق، ڊاڪٽر شاڪر ۽ آصف ڇوٽو جي قتل جو بدلو آهي. پاڪستان ۾ فرقه وارانه دهشتگردي انتها تي آھي، هر روز اهل تشيع جو ڪو نہ ڪو فرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريو وڃي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو تہ  پاره چنار سبزي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ اڪٽريت اهل تشيع جي آھي.  جيڪي پاره چنار جي سبزي مارڪيٽ ۾ شھيد ٿي ويا. ڇا اُھي انسان نہ هئا؟ ڇا انهن کي هن دنيا ۾ جيئڻ جو حق نہ هو؟ ڇا اهي ڪنهن جا ڄاوا نہ هئا؟ جنهن منڊيءَ ۾ جڳهه جڳهه پٽاٽا ۽ ٽماٽا پکيڙيل هوندا هئا ڪالهه اتي انساني جسم جا عضوا خون ۾ غرق نظر آيا. ظالمن کي ٿورو بہ رحم نہ آيو؟ پنهنجي پرودگار کان بہ نہ ڊنا؟ ڇا انهن جي سيني ۾ دل جي بدلي پٿر رکيل آھي!!  هر ڪوئي پنهنجي عزيزن رشتيدارن کي چرين وانگي ڳولهيندو رهيو سبزي منڊي پل ۾ جنگ جو ميدان بڻجي ويئي.  انهيءَ رت جي ميدان ۾ گلڙن جهڙو معصوم مصور حسين بہ دهشتگردي جي ور چڙھي ويو. مصور حسين جيڪو سياري جي موڪلن جو فائدو وٺندي غريب پيءُ جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ  مارڪيٽ مان سبزي کڻڻ ويو هو انهي کي ڪهڙي خبر هئي تہ اڄ منهنجي گهر ڀاتين سان آخري ملاقات آھي. گهر کان نڪرڻ وقت پنهنجي ماءُ کي چئي نڪتو تہ امان منهنجي اچڻ تائين ڪجھ بہ نہ کائجان مان ٻاهران ڪجهه وٺي ايندس پوءِ گڏجي کائينداسين. اي ڪاش! سرديءَ جون موڪلون نہ ٿين ها ۽ مصور حسين اسڪول هجي ها!! پر خدا کي شايد ڪجھ ٻيو منظور هو. هاڻي ڪير سهارو ٿيندو مصور حسين جي پوڙهن والدين جو. ڇا اها امڙ جيئري رهي سگهندي جنهن جو گلن جهڙو ٻچڙو بيگناهه ماريو ويو. ڇا هوءَ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي وساري سگهندي. مونکي افسوس آھي پاڪستاني حڪمرانن ۽ عوام جو جيڪي ڪجھ ڪلاڪن تائين مذمت ڪندا آهن ۽ حڪومت مالي امداد جو اعلان ڪندي آهي. ڇا انهن اعلانن سان وڃايل جانيون واپس ورنديون؟  حڪومت کي گهرجي تہ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سخت کان سخت قدم کڻي ته جيئن آئنده ڪو مصور حسين پنهنجي پوڙهي ابي امان کان جدا نه ٿئي.           نوڪر علي ڪانهر پيرجو ڳوٺ

Friday 13 January 2017

شراب

                      نوڪرعلي ڪانهر پير جو ڳوٺ

•شراب واپرائڻ سان انساني جسم تي پوندڙ اثر:

          اسان جي معاشري ۾  ڏينهون ڏينهن ڪيتريون ئي برايون جنم وٺن ٿيو انهن مان شراب بہ هَڪَ آهي. جي ڏٺو وڃي تہ شراب عام جام واپرايو وڃي ٿو. ڪنهن خوشيءَ جي موقع تي يا ڪنهن وڏي سندي ڏينهن سرعام پيتو وڃي ٿو اسان روز نيوز ۾ ٻڌندي يا پڙھندي ڏسون پيا تہ انسان پنهنجي زندگي سان ڪهڙو حشر ڪن ٿا.  شراب واپرائڻ جي ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾  حياتي تان ئي هٿ کئڻو پئي ٿو.
هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اسانجو مذهب اسان کي شراب پیئڻ کان روڪي ٿو يا نہ ؟
اچو تہ اسان الله تعاليٰ جي پاڪ مقدس ڪتاب قرآن پاڪ کان پڇون .
ڇو تہ الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي مقدس  ڪلام پاڪ ۾ هر شيءِ جو ذڪر بيان ڪيو آھي.
شراب پيئڻ هڪ اهڙو عمل آھي جنهن جي الله تعاليٰ پنهنجي پاڪ  ڪلام  ۾ سخت مذمت ڪئي آھي. خدا تعاليٰ سورت بقره جي آيت نمبر 218 ۾ ارشاد فرمايوآھي.

ترجمو: (اي رسول صلي الله عليه وآله وسلم ). ماڻھوتوهان کان شراب ۽ جوا جي باري ۾ پڇن ٿا  توهان چئي ڏيو تہ انهن ٻنهي ۾ وڏو گناھ آھي.
  شراب پيئڻ نہ فقط شرعي لحاظ کان خراب عمل آھي. بلڪ ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق شراب انساني جسم جي اڪثر حصن تي خطرناڪ اثر وجهي ٿو. انهن مان ڪجھ ھيٺ بيان ڪجن ٿا.

دماغ تي شراب جو اثر:
شراب پيئڻ  جي ڪري دماغ جا خليا (سيل) ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آھن ۽ اڪثر ڪري دماغ تائين خون پهچائڻ واريون نازڪ رڳون ڦاٽي پونديون آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ ٿيندو آھي جو خون ڪنهن هڪ جڳھ تي ڄمي ويندو آھي ان جي نتيجي ۾ ماڻھوءَ کي بيهوشيءَ جا دورا شروع ٿي ويندا آھن ان کان سواءِ ڪيتريون ٻيون بہ بيماريون پيدا ٿين ٿيون. مرگهي. مٿي جو سڄي وڃڻ ۽ فالج وغيره جهڙيون بيماريون بہ ٿين ٿيون.

معدي تي شراب جو اثر:
شراب پيئن  سان زبان جو ذائقي واري حس ختم ٿي ويندي آھي. بلڪ شراب پئيڻ جي ڪري هاضمو وڌائڻ وارو مادو ختم ٿي ويندو آھي. اڪثر ڪري الٽيون اچڻ شروع ٿي ونديون آھن. انهن الٽين ۾ بلغم سان گڏ خون جا دڳ بہ ايندا آھن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي معدي جون بيماريون پيدا ٿينديون آھن.

جگر تي شراب جو اثر:
شراب پئيڻ سان جگر ڪمزو ٿي ويندو آھي. ۽ سڄي پوندو آھي ۽ جگرجي ڪمزوري ۽ خرابي جي ڪري پيٽ ۾ سور پيدا ٿي پوندو آھي ۽ نتيجي ۾ يرقان جو مرض پيدا ٿي پوندو آھي

دل تي شراب جو اثر:
شراب خون ۾ شامل ٿي ويندو آھي ان ڪري آھستہ آھستہ خون کي خراب ڪري ڇڏيندو آھي. ۽ ان جو اثر دل تي پوندو آھي دل جسم جي تمام عضون کي صحيح طرح خون پهچائي نہ سگهندي آھي. ڇو جو دل تي ڪافي مقدار ۾ چرٻي چڙھي ويندي آھي ۽ دل وزني ٿي ويندي آھي جنهن جي نتيجي ۾ دل جي حرڪت گهٽجي ويندي آھي ان ڪري شرابي ماڻھن جي نبض تمام آھستي يا غير منظم طريقي سان هلندي آھي.

عقل تي شراب جو اثر:
ديوانگي ۽ جنون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب شراب پئيڻ آھي . دنيا ۾ اڪثر ديوانن جو تعداد شراب جي عادي هجڻ جي ڪري آھي.''رسالہ  تندرست'' ۾ بيان ڪيو ويو آھي تہ فرانس ۾ ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق20 هزار شرابي ديوانا موجود آھن ان ۾ اهو بہ لکيل آھي تہ شراب پئيڻ جي ڪري 80 فيصد ماڻھون ديوانا 20 فيصد ماڻھو ٻين بيمارن ۾ مبتلا ٿي ويندا آھن . انگلينڊ ۾ اسڪالرن جي تحيقيق مطابق 90 فيصد ديوانا شراب پئيڻ جي ڪري ٿيا آھن.