Saturday 21 May 2016

مسيج ذريعي ٺڳيندڙ

    مسیج ذریعي ٺڳيندڙ
  دنیا ھر روز ترقیءَ جی طرف تیزیءَ سان وڌي رھي آھي. اڄ ڪلھ  موبائیل فون جو استعمال ڏینھون ڏینھن عروج تي آھي. جنھنجو استعمال صحیح بہ ڪري سگھجي ٿو تہ غلط بہ ڪري سگھجي ٿو. موبائیل فون کي تہ ڪنٹرول بہ ڪري سگجھي ٿو. ان جي باوجود بہ اڪثر ان جو استعمال غلط ٿي رھیو آھي. اڪثر ڪري مختلف مسیج ڪري ٻین کي پریشان ڪیو وڃي ٿو. گھٹي تعداد ۾ اھڑا مسیج ايندا آھن جنھن ۾ ٹائیپ ٿیل ھوندو آھي تہ مان بیمار آھیان اسپتال  ۾ آھیان منھنجي مدد ڪریو. یا وري مسیج ایندو آھي تہ توھان جو ھن نمبر تي لڪي ڊراءِ ۾ ھیترن لکن جو انعام نڪتو آھي. ۽ ھن نمبر تي رابطو ڪریو. وري ھاٹي مسیج اچي ٿو تہ ھي نمبر اوھان جو بینظر انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڏنل آھي. ھیترا اوھان جو پئسا آیا آھن ۽ ھن نمبر تي ھیترو بلنس ڪرایو. ۽ رابطو ڪریو. اھڙي قسم جا ڪیترائي مسیج اچن ٿا ۽ اڪثر ڪري ماٹھون پریشان ٿی وڃن ٿا. شروع شروع ۾ تہ ماٹھون ڏاڌا پریشان ٿي ویندا ھیا ۽ سوچيندا ھیا تہ واقعي پریشان ھوندو ۽ تڏھن مسیج ڪیو اٿن. اھا ڳالھ آھستي آھستي عام ٿي وئي. وري ماٹھن ٻیو ڪم ڪرٹ شرورع ڪیو. اھو ھي آھي تہ وري موبائیل فون تی ڪال ڪري چوٹ لڳا تہ توھان جو پنج لک ۽ ھیترا تولا سون انعام ڪمپنيءَ طرفان نڪتو آھي . اسان ڪمپنيءَ کان پیا ڳالھیون. ھتي مان پنھنجي دوست جو احوال لکٹ ضروري ٿو سمجھیان جنھن ڏي اھڙو ئي مسیج ۽ ڪال ئي هئي ھن ان ئي وقت مونکي ٻڌایو ۽ چیئن تہ مان وڃان ٿو ھاٹي ۽ مونکي 3. 4. ھزار ڏي اوڌارا مان ھن کی تہ ڏنا پر منھنجو ڪم تہ اڌ ۾ ڇڏي ویو ھلیو کجن جو ڪم ھو مان ان کی ڇھارا ڪرٹ لاء وٺي آیو ھیس. پر ماٹھن وانگي ھو بہ بیوقف بٹجي ویو ۽ ڪیترائي ماٹھون ٺڳجڻ لڳا . اڪثر ڪري غریب مسڪین ماٹھون لالچ ۾ اچي ڦرجٹ لڳا. چوندا آھن تہ لالچ بري بلا آھي. مسڪین ماٹھون وٽ ایترا پئسا تہ ڪو نہ ھوندا پنھنجا پر پوء بہ پٽ سٽ ڪري 5 ھزارین کان بہ مٿي بلنس  موڪلین پیا. جڏھن انھن کي خبر پئي تہ ھي فراڊ ھو پاٹ ڦرائي ویھي رھن. منھنجو سوال اھیو آھي تہ ڇا ائین ڪرٹ گھرجي ؟ مسلمان ٿي ڪري ٻئي مسلمان کي یا غیر مسلم کي ائین ڦرٹ گھرجي ؟ ڇا دين اسلام اسان کي ٺڳي ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو؟  يا اسان جو پنهنجي پالڻهار تان اعتبار کڃي ويو آھي. جڏھن تہ تنهنجي منهنجي انهيءَ رب پاڪ جو ارشاد  آھي تہ هر بندي کي هر روز ڏيڻ منهنجو ذمو آھي. پوءِ اهڙا ڪم پيا ڪريون . مان حڪومت کي عرض ٿو ڪيان تہ اهڙن ٺڳيندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ سادن سٻاجهڙن کي ٺڳجڻ کان بچايو وڃي.

نوڪرعلي ڪانهر پيرجوڳوٺَ

Monday 2 May 2016

شھادت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام

25 رجب شھادت باب الحوئج امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام

     سندن اسم مبارڪ موسيٰ۴، ڪنيت ابوالحسن۴ ۽ لقب ڪاظم۴ هو انهيءَ ڪري کين امام موسيٰ  ڪاظم۴ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندن والد بزرگوار حضرت امام جعفر صادق عليه السلام هئا،
جن جو خانداني سلسلو امام حسين عليه السلام جي واسطي سان پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم تائين پهچي ٿو.سندن والده ماجده حميده  خاتون بربر ملڪ جي رهندڙ ھئي.
    تاريخ ولادت 7 صفر سن 128هجري ۽ جاءِ ولادت ابواءِ (علائقو) آھي جيڪا مڪي ۽ مديني جي درميان واقع آھي.
    پاڻ والد بزرگوار جي وفات کان بعد 20 سال جي عمر ۾ منصب امامت تي فائز ٿيا.
امام ۴ امامت جي ستين ڪڙي آھن. ڪجھ ماڻھن امام عليه السلام جي امامت متعلق اختلاف ڪندي چيو تہ حضرت اسماعيل ۴ جيڪو امامـ۴ جن جو ڀاءُ ھيو سو امام آھي. حالانڪ انهن جو انتقال حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن جي زندگيءَ ۾ ئي ٿي چڪو هو. انکاسواءِ امامت جو عهدو ميراث نہ آھي.
   بلڪہ هي عهدو هڪ ذاتي ڪمال سان مربوط آھي. جهڙيءَ طرح نبوت حضرت اسماعيل ۴ کان حضرت اسحاق ۴ ڏانهن منتقل ٿي ۽ امامت حضرت حسن عليه السلام کان حضرت امام حسين عليه السلام ڏانهن منتقل ٿي اھڙيءَ طرح هتي بہ منصب امامت امام جعفر صادق عليه السلام کان امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام ڏانهن منتقل ٿيو ۽ نبوت جو پيءُ کان وڏي پٽ طرف منتقل ٿيڻ ضروري نہ آھي.
   امامت الله تعاليٰ جو اھو عهدو آھي جيڪو اولاد ابراهيم عليه السلام مان انهن هستين سان خاص آھي جيڪي ظلم جي غلاظت کان پاڪ آھن هر امام جي زندگي اول کان آخر تائين طهارت، پاڪيزگي. تقويٰ ۽ عدل جو نمونو هوندي آھي.
   امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جن جي تمام زندگي صفات عاليہ ۽ ڪماليہ جو اعليٰ نمونو آھي.
  امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام ۾ ضبط ۽ تحمل جي صفت ايتري تہ نمايان هئي جو امام عليه السلام جو لقب ڪاظم ٿي ويو.
  علامہ ابن حجر مڪي لکي ٿو تہ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام علم و معرفت ۽ فضل ۽ ڪمال ۾ پنهنجي والد گراميءَ جا جانشين هئا.
  سڀ کان وڌيڪ عبادت گذار . عالم ۽ سخي هئا اهل مدينہ امام عليه السلام کي عبدصالح چوندا هئا.
  158 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ منصور دوانقيءَ دنيا مان موڪلايو ۽ سندن پٽ مهدي تخت تي ويٺو. شروع ۾ تہ هن امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي عزت ۽ احترام خلاف ڪو بہ ورتاءُ نہ ڪيو. پر ڪجھ سالن کان پواءِ وري اُھوئي بني فاطمه سلام عليها جي مخالفت جو جذبو اُڀريو، ۽ 164 هجريءَ ۾ جڏھن هو حج جي بهاني حجاز ڏانهن آيو تہ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام کي پاڻ سان گڏ مڪي کان بغداد وٺي ويو ۽ کين قيد ڪري ڇڏيائين. امام ۴ هڪ سال تائين قيد ۾ رهيا. پوءِ کين مهديءَ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ امام ۴ کي واپس مديني وڃڻ جو موقعو ڏنو ويو. مهديءَ کان پوءِ سندس ڀاءُ ھادي 169 هجريءَ ۾ تخت تي ويٺو ۽ هن رڳو هڪ سال هڪ مهينو حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ هارون رشيد جو زمانو آيو. جنهن ۾ وري امام ۴ کي آزاديءَ سان ساھ کڻڻ نصيب نہ ٿيو.
    اهڙي طرح 179 هجريءَ ۾ ھارون رشيد وري مڪي معظمہ جو سفر ڪيو ۽ اتان مديني ويو. هڪ ٻہ ڏينهن رهڻ کان پوءِ ڪي ماڻھون امام موسيٰ ڪاظمہ عليه السلام جي گهر پهتا. تہ خبر پين تہ امام۴ رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي روضي مبارڪ تي آھن، انهن ماڻھن  رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي روضي مبارڪ جو بہ خيال نہ ڪيو. امام عليه السلام ان وقت رسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جي قبر مبارڪ ويجهو نماز ۾ مشغول هئا، تہ بي رحم دشمنن کين نماز جي حالت ۾ ئي گرفتار ڪيو ۽ کين هارون وٽ وٺي آيا.
هارون رشيد انهيءَ انڊيشي کان تہ ڪا جماعت امام موسيٰ ڪاظمہ عليه السلام کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش نہ ڪري، ٻہ ڪجاوا تيار ڪرايا. هڪ ۾ امام موسيٰ ڪاظمہ عليه السلام کي سوار ڪيائين ۽ ان کي هڪ وڏي فوجي ٽولي جي گهيري ۾ بصري روانو ڪيائين ۽ ٻيو ڪجائو. جيڪو  خالي هو، ان کي بہ ايتري ئي لشڪر جي حفاظت ۾ بغداد روانو ڪيائين. ان جو مقصد اهو هو، تہ سندن رهڻ جي جاءِ ۽ قيد ڪرڻ جي هنڌ کي بہ شڪي بنايو ويو . اهو نهايت درد ناڪ واقعو هو. جو امام موسيٰ ڪاظمہ عليه السلام جا اهلِ حرم ۽ ٻار بہ موڪلائڻ وقت کين ڏسي نہ سگهيا ۽ اوچتو محل سرا ۾ رڳو اهو اطلاع پهتو، تہ امام عليہ السلام کي وقت جي سلطنت طرفان قيد ڪيو ويو آھي. اهو ٻڌي بيبين ۽ ٻارن ۾ ڪهرام مچي ويو
  آخر ڪار حاڪم وقت شقي القلب انسان سندي بن شاهڪ ذريعي امام عليه السلام کي 25 رجب المرجب 183 هجريءَ تي انگورن ۾ زھر ڏياري شهيد ڪرايو. ۽ رات جي اونداهي ۾ امام عليه السلام جو جنازو مبارڪ بغداد جي پُل تي رکرايو ويو.
امام عليه السلام جنهن هنڌ تي دفن ٿيل آھن ان کي هاڻي ڪاظمين چيو وڃي ٿو

               طلب گار دعا: نوڪر علي ڪانهر.

Sunday 1 May 2016