Saturday 21 May 2016

مسيج ذريعي ٺڳيندڙ

    مسیج ذریعي ٺڳيندڙ
  دنیا ھر روز ترقیءَ جی طرف تیزیءَ سان وڌي رھي آھي. اڄ ڪلھ  موبائیل فون جو استعمال ڏینھون ڏینھن عروج تي آھي. جنھنجو استعمال صحیح بہ ڪري سگھجي ٿو تہ غلط بہ ڪري سگھجي ٿو. موبائیل فون کي تہ ڪنٹرول بہ ڪري سگجھي ٿو. ان جي باوجود بہ اڪثر ان جو استعمال غلط ٿي رھیو آھي. اڪثر ڪري مختلف مسیج ڪري ٻین کي پریشان ڪیو وڃي ٿو. گھٹي تعداد ۾ اھڑا مسیج ايندا آھن جنھن ۾ ٹائیپ ٿیل ھوندو آھي تہ مان بیمار آھیان اسپتال  ۾ آھیان منھنجي مدد ڪریو. یا وري مسیج ایندو آھي تہ توھان جو ھن نمبر تي لڪي ڊراءِ ۾ ھیترن لکن جو انعام نڪتو آھي. ۽ ھن نمبر تي رابطو ڪریو. وري ھاٹي مسیج اچي ٿو تہ ھي نمبر اوھان جو بینظر انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڏنل آھي. ھیترا اوھان جو پئسا آیا آھن ۽ ھن نمبر تي ھیترو بلنس ڪرایو. ۽ رابطو ڪریو. اھڙي قسم جا ڪیترائي مسیج اچن ٿا ۽ اڪثر ڪري ماٹھون پریشان ٿی وڃن ٿا. شروع شروع ۾ تہ ماٹھون ڏاڌا پریشان ٿي ویندا ھیا ۽ سوچيندا ھیا تہ واقعي پریشان ھوندو ۽ تڏھن مسیج ڪیو اٿن. اھا ڳالھ آھستي آھستي عام ٿي وئي. وري ماٹھن ٻیو ڪم ڪرٹ شرورع ڪیو. اھو ھي آھي تہ وري موبائیل فون تی ڪال ڪري چوٹ لڳا تہ توھان جو پنج لک ۽ ھیترا تولا سون انعام ڪمپنيءَ طرفان نڪتو آھي . اسان ڪمپنيءَ کان پیا ڳالھیون. ھتي مان پنھنجي دوست جو احوال لکٹ ضروري ٿو سمجھیان جنھن ڏي اھڙو ئي مسیج ۽ ڪال ئي هئي ھن ان ئي وقت مونکي ٻڌایو ۽ چیئن تہ مان وڃان ٿو ھاٹي ۽ مونکي 3. 4. ھزار ڏي اوڌارا مان ھن کی تہ ڏنا پر منھنجو ڪم تہ اڌ ۾ ڇڏي ویو ھلیو کجن جو ڪم ھو مان ان کی ڇھارا ڪرٹ لاء وٺي آیو ھیس. پر ماٹھن وانگي ھو بہ بیوقف بٹجي ویو ۽ ڪیترائي ماٹھون ٺڳجڻ لڳا . اڪثر ڪري غریب مسڪین ماٹھون لالچ ۾ اچي ڦرجٹ لڳا. چوندا آھن تہ لالچ بري بلا آھي. مسڪین ماٹھون وٽ ایترا پئسا تہ ڪو نہ ھوندا پنھنجا پر پوء بہ پٽ سٽ ڪري 5 ھزارین کان بہ مٿي بلنس  موڪلین پیا. جڏھن انھن کي خبر پئي تہ ھي فراڊ ھو پاٹ ڦرائي ویھي رھن. منھنجو سوال اھیو آھي تہ ڇا ائین ڪرٹ گھرجي ؟ مسلمان ٿي ڪري ٻئي مسلمان کي یا غیر مسلم کي ائین ڦرٹ گھرجي ؟ ڇا دين اسلام اسان کي ٺڳي ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو؟  يا اسان جو پنهنجي پالڻهار تان اعتبار کڃي ويو آھي. جڏھن تہ تنهنجي منهنجي انهيءَ رب پاڪ جو ارشاد  آھي تہ هر بندي کي هر روز ڏيڻ منهنجو ذمو آھي. پوءِ اهڙا ڪم پيا ڪريون . مان حڪومت کي عرض ٿو ڪيان تہ اهڙن ٺڳيندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ سادن سٻاجهڙن کي ٺڳجڻ کان بچايو وڃي.

نوڪرعلي ڪانهر پيرجوڳوٺَ

No comments:

Post a Comment