Monday 12 September 2016

عيد

چ                     عيد الاضحي
عيد جي ڏينهن جي حوالي سان مولا اميرالمؤمنن علي عليہ السلام جو ڪيترو نہ نهايت هي فرمان آھي تہ جنهن ڏينهن انسان ڪوئي بہ گناھ نہ ڪري ٿو اهو ڏينهن عيد کان گهٽ نہ آھي.
   مسلمان هر سال ٻہ وڏيون عيدئون ملهائيندا آهن. هڪ عيدالفطر هڪ عيدالاضحى هتي مان عيدالاضحى جو ذ ڪر ڪندس. هن عيد تي مسلمان حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ياد تازا ڪندا آھن. اللہ تعالي خواب ۾ حضرت ابراهيم ع کي بشارت ڏني تہ اي ابراهيم سڀ کان وڌ پياري شيءَ مون الله جي راھ ۾ قربان ڪر. حضرت ابراهيم ع سڄو خواب جو احوال  پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي پٽ کي ٻڌايو. انهن چيو جيڪا شيءَ پياري آهي اوهان جي نزديڪ اها اللہ جي راھ ۾ قربان ڪيو. حضرت ابراهيم ع فرمايو منهنجي نزديڪ پٽ حضرت اسماعيل ع کان وڌ ڪا بہ نہ آھي. جنهن تي حضرت اسماعيل ع لبيڪ چيو جنهن کان بعد حضرت ابراهيم ع حضرت اسماعيل ع کي ليٽايو ۽ اکين تي پٽي ٻڌي هٿ ۾ ڇُري کنئي اڃان ڇُري هلي ئي نہ تہ اللہ تعاليٰ حضرت جيبرائيل ع کي حڪم ڏنو جلدي ڪر جنت مان دبُو کڻي حضرت اسماعيل ع جي جاءِ تي ڏي دبوُ ذبح ٿي ويو حضرت ابراهيم ع جو ڏٺو حضرت اسماعيل ع جي جاءِ تي دبُو ذبح ٿي ويو. حضرت ابراهيم ع کي اللہ وحي نازل ڪئي اي ابراهيم ع تون امتحان ۾ پاس ٿي وئين .
   افسوس! مسلمانن کان وڏي قرباني وسري وئي ۽ ننڍي قرباني ياد آھي. جنهن دين جا اسان داويدار پيا سڏايون اسان جو ان دين کي بچائڻ ۾ ڪهڙو خرچ آيو آھي. اسان کي تہ دين ڱهر وئٺي مليو آ.
      هن دين کي بچائڻ جي خاطر آل نبي صہ جن وڏيون قربانيون ڏنيون تڏهن وڃي دين بچو. پنهنجو ڱهراڻو.قربان ڪيائون ۽ الله جي راھ ۾ پنهنجن جانين جي قربانيون ڏنائون ڇهن ميهينن جي لال کان وٺي 32 سالن جا جوان 18 سالن جا جوان قرباب ڪيائون تہ دين بچي پئي. جهنڱلن پهاڙن جا سفر ڪري قيدي ٿي اللہ جي رضا ۾ راضي رهيا ڪڏھن بہ شڪايت زبان تي نہ آئي.

  افسوس! مسلمان کي حضرت ابراهيم عليہ السلام جو دبُو تي ياد رهجي ويو پر آل نبي صہ جو ڪنبو وساري ڇڏيو.

تحرير: نوڪرعلي ڪانهر.

No comments:

Post a Comment