Tuesday 24 January 2017

پارا چنار

”پاره چنار سبزي منڊي جنگ جو ميدان بڻجي ويئي“ دھشتگرديءَ جي باھ ۾ سڄي دنيا سڙي رهي آھي. دهشتگردي سڄي دنيا جي لاءِ مسئلو بڻيل آھي. دهشتگرد انسانيت جا دشمن خوني درندا آهن، دهشتگردن جو ڪو بہ مذھب نہ آھي ۽ نہ ڪوئي ايمان آھي. ڪالھ پاره چنار جي سبزي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ خودڪش بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 50 کان مٿي زخمي ٻڌايا وڃن ٿا، بم ڌماڪي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان جي لشڪر جنهگوي قبول ڪئي آهي. سوشل ميڊيا جي ذريعي جاري ٿيل هڪ بيان جي مطابق انهن جو چوڻ آهي ته هي حملو ملڪ اسحاق، ڊاڪٽر شاڪر ۽ آصف ڇوٽو جي قتل جو بدلو آهي. پاڪستان ۾ فرقه وارانه دهشتگردي انتها تي آھي، هر روز اهل تشيع جو ڪو نہ ڪو فرد ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ماريو وڃي ٿو. ٻڌايو وڃي ٿو تہ  پاره چنار سبزي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ اڪٽريت اهل تشيع جي آھي.  جيڪي پاره چنار جي سبزي مارڪيٽ ۾ شھيد ٿي ويا. ڇا اُھي انسان نہ هئا؟ ڇا انهن کي هن دنيا ۾ جيئڻ جو حق نہ هو؟ ڇا اهي ڪنهن جا ڄاوا نہ هئا؟ جنهن منڊيءَ ۾ جڳهه جڳهه پٽاٽا ۽ ٽماٽا پکيڙيل هوندا هئا ڪالهه اتي انساني جسم جا عضوا خون ۾ غرق نظر آيا. ظالمن کي ٿورو بہ رحم نہ آيو؟ پنهنجي پرودگار کان بہ نہ ڊنا؟ ڇا انهن جي سيني ۾ دل جي بدلي پٿر رکيل آھي!!  هر ڪوئي پنهنجي عزيزن رشتيدارن کي چرين وانگي ڳولهيندو رهيو سبزي منڊي پل ۾ جنگ جو ميدان بڻجي ويئي.  انهيءَ رت جي ميدان ۾ گلڙن جهڙو معصوم مصور حسين بہ دهشتگردي جي ور چڙھي ويو. مصور حسين جيڪو سياري جي موڪلن جو فائدو وٺندي غريب پيءُ جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ  مارڪيٽ مان سبزي کڻڻ ويو هو انهي کي ڪهڙي خبر هئي تہ اڄ منهنجي گهر ڀاتين سان آخري ملاقات آھي. گهر کان نڪرڻ وقت پنهنجي ماءُ کي چئي نڪتو تہ امان منهنجي اچڻ تائين ڪجھ بہ نہ کائجان مان ٻاهران ڪجهه وٺي ايندس پوءِ گڏجي کائينداسين. اي ڪاش! سرديءَ جون موڪلون نہ ٿين ها ۽ مصور حسين اسڪول هجي ها!! پر خدا کي شايد ڪجھ ٻيو منظور هو. هاڻي ڪير سهارو ٿيندو مصور حسين جي پوڙهن والدين جو. ڇا اها امڙ جيئري رهي سگهندي جنهن جو گلن جهڙو ٻچڙو بيگناهه ماريو ويو. ڇا هوءَ پنهنجي جگر جي ٽڪري کي وساري سگهندي. مونکي افسوس آھي پاڪستاني حڪمرانن ۽ عوام جو جيڪي ڪجھ ڪلاڪن تائين مذمت ڪندا آهن ۽ حڪومت مالي امداد جو اعلان ڪندي آهي. ڇا انهن اعلانن سان وڃايل جانيون واپس ورنديون؟  حڪومت کي گهرجي تہ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سخت کان سخت قدم کڻي ته جيئن آئنده ڪو مصور حسين پنهنجي پوڙهي ابي امان کان جدا نه ٿئي.           نوڪر علي ڪانهر پيرجو ڳوٺ

1 comment:

  1. الله پاڪ انهن ظالمن جو خاتمو ڪري. آمين.

    ReplyDelete