Wednesday 13 April 2016

والدين سان سهڻو سلوڪ،

           والدين سان سهڻو سلوڪ
                     نوڪرعلي ڪانهر پير جو ڳوٺ

الله تبارڪ و تعاليٰ کان بعد ۾ انسان تي سڀني کان وڌيڪ جيڪو حق آھي. اهو والدين جو ئي  آھي. ڇو تہ انسان جو وجود انهن جي برڪت جي ڪري آھي. اهو ئي سبب آھي جو پرودگار پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ جتي پنهنجي عبادت جو ذڪر ڪيو آھي. اتي ئي والدين سان نيڪيءَ جو سهڻي سلوڪ جو حڪم ڪيو آھي. هتي مان (سورة اسرا آيت.23) جو ڪجھ ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهيان ٿو. ترجمو: پالهڻار جو فيصلو آھي تہ ان کان سواءِ ڪنهن جي بہ عبادت نہ ڪريو ۽ پنهنجي والدين سان نيڪي ڪريو. انبياء (ع) جي هڪ بهترين صفت اها ئي ذڪر ڪئي وئي آھي تہ اهي پنهنجي والدين سان نيڪ ۽ سٺو سلوڪ ڪندا هئا. الله سائين والدين جي فرمانبداري کي پنهنجي غضب کان بچڻ لاءِ ضروري قرار ڏنو آھي. اڄ جي دور جو انسان ڇا پيءُ ماءُ سان نيڪي يا سهڻو سلوڪ ڪري ٿو ان جو گواھ اڄ جو معاشرو آھي تہ اسان ڪيترا والدين جا فرمانبدار آھيون انسان انهن ئي ابو امان کي پيٽ ڀري ٻہ ويلا ماني نہ پيو کارئي جن اسان کي ڄڻي ڏيھ ڏيکاريو پاڻ بک تي رهي اسان کي کاريو پنهنجي وات وارو گرھ ڪڌي اسان جي پيٽ جي بک اجهائي پاڻ تڪليف صحي اسان کي سک ۾ رکيو اهي ئي ابو امان سڄي سڄي رات جاڳي اسان جي پر گهور ڪندا رهيا شل نہ جي ڪجھ ٿئي پئي تہ پريشان حال هوندا هئا جن اسان کي آڱر کان وٺي هلڻ سيکاريو قدم کڻڻ سيکاريا معاشري ۾ اوٿڻ ويهڻ سيکاريو لکائي پڙھائي وڏو ڪيو ۽ ان اميد تي پيا جيئن تہ ھي اسانجو سهارو ٿيندو. انسان انهن جي پوڙهاپي ۾ سهارو ڏيڻ بدران چون ٿا تہ اسان تہ توهان مان اڙجي ويا آھيون. کين ئي گهرن ۾ نوڪرن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ سڄي گهر جو ڪم ڪار بہ ڪرايو وڃي ٿو. ڄڻ تہ هي انهن جا نوڪر آھن. جي بيمار ٿين تہ سرڪاري اسپتال م داخل ڪرائي لاوارثن وانگي هليا اچن يا انهن کي پنهنجي ملڪيت مان ئي بہ گهر ڪري ڇڏين ٿا پوءِ بہ والدين بد دعا ڪين ڏين پنهنجي اولاد کي بس اهو چوندا هوندا تہ سدا شل جڳ ۾ کلندا وتو اسانجي رونا سي تہ ڇا ٿي پيو توڻي جو ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آھي ان جنت کي ئي دوزخ ڪري ڇڏين ٿا. والدين تہ وڏي شخصيت آھن انسان جي پهرين درسگاه والدين جي جهولي هنج آھي. ماءُ جي زندھ آھي تہ الله سائين هروز ستر بلائون ٽآري ڇڏي ٿو. رسول اڪرم (صہ) کان منقول آھي تہ پاڻ ڪريم (صہ)جن وٽ ھڪ ماڻھون آيو . کين عرض ڪيان تہ دنيا ۾ اھڙو ڪو گناه نہ آھي جيڪي مون نہ ڪيو هجي. ڇا منهنجي لاءِ بہ توبھ جو دروازو کليل آھي؟ نبي ڪريم(صہ) وراڻيو: ڇا تنهنجا والدين حال حيات آھن؟ عرض ڪيائين: منهنجو پيءُ جيئرو آھي. پاڻ (صہ) فرمايائون: وڄ پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪر ۽ ساڻس سهڻو سلوڪ ڪر. جيئن ئي اهو شخص رسول اڪرم (صہ) جي بارگاھ کان ٻاھر نڪتو تہ پاڻ ڪريم (صہ) فرمايو: ڪاش سندس ماءُ بہ حال حيات هجي ها. انهي آخري جملي مان پتو پيو تہ ماءُ سان نيڪي ڪرڻ جو ثواب وڌيڪ آھي. اسان کي گهرجي تہ هن نصحيت تي عمل ڪريون ۽ پنهنجي والدين سان سهڻو سلوڪ ڪيون.

No comments:

Post a Comment