Thursday 7 April 2016

♥سازش♥

                     ♥سازش♥
نوڪرعلي ڪانھر پير جو ڳوٺ کان لکي ٿو.

            
         معاشري جا سڀئی فرد باغي ٿي پيا ھيا. ڪانڊري جي سني ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪي رھي ھئی. نس نس ۾ جذبو تيزيءَ سان گردش ڪري رھيو ھو. ڪانڊرو غور ۽ وڏي فڪر کان بعد ۾ پنھنجن دوستن سان ھم ڪلام ٿيو. 
ڪانڊرو
چوڻ لڳو تہ ڪنھن وٽ بہ اختيار نہ آھي تہ ھو اسان جي محنت جي پگھر مان وڃي عيش آرام ڪري. اسان جي پنھنجي زندگي  آھي ۽ اسانجي زندگي جون جيڪي بہ بھارون آھن اھي سڀ اسان جون آھن ان ۾ اسان ڪنھن جي بہ دخل اندازي برداشت نہ ڪندا سي. ڪانڊرو ڪاوڙ ۾ گلاب جي گل وانگي صفا ڳاڙھو لعل ٿي ويو ھو. سندس جسم ڪپي رھيو ھو سڀئی ڪانڊري کي حيرت مان تڪي رھيا ھيا. اھي ڪانڊري جا دوست ڪانڊري جي اھا ڪاوڙ ڏسي ڪانڊري کي سمجھائڻ لڳا ڪانڊرو اڳ ئی انھن تی باھ جيان ٻري رھيو ڇو تہ اھي ڪانڊري جا نہ پر ڪامورن ڀوتارن جا دوست ھيا جيڪي ڪجھ وقت اڳ ۾ ھر ڪانڊري جھڙي غريب مسڪين جي اوطاقن تي وڏي وڏي وفد جي صورت ۾ اچي لاھيندا ھيا سندن ماڻھون استقبال لاءِ ھٿن ۾ رستن تي گل گلاب جا جھليون بيٺا ھوندا ھيا جئین ئی وڏين گاڏين ويگو مان لاھیندا ھیا تہ گلن جو وسڪارو پيو ٿيندو ھوِ . سادن سٻاجھڙن جي اڳيان اھي اعلان ڪندا ھيا تہ ھڪ ڀيرو روڳو ووٽ ڏي ڪامياب ڪريو پوءِ اسان کي ڏسو تہ اوھان کي ڪٿي کان ڪٿي ٿا پھچايون اسين توھان کي نوڪريون ڏيندا سي بيروزگاري ختم ڪنداسي بيروزگارن کي روزگار ڏيندا سي. جيڪي غريب مسڪين ماڻھون آھن انھن کي گھر ٺھرائی ڏيندا سين ڪچيون گھٽيون پڪيون ڪندا سي اوھان کي ڳوٺ ۾ ھر اھا سھولت ملندي جنھنجي ڪري توھان کي پري پري تائین پنڌ ڪري شھر ڏي نہ وڃڻو پوئیندو اسان اوھان جي ڳوٺن کي ھر اھا سھولت ڏينداسي جيڪي شھرين کي آھي  پيا ڏاڌا شور شرابا ھوندا ھيا ھر طرف اھي آواز ھوندا ھيا تہ اسان کي ڪامياب بڻايو تہ اسان اوھان جي زندگي جنت بڻائینداسین. غريبن اميرن جي اوطاقن تہ ميلا متل ھوندا ھيا ڪنھن مھل ھن پارٽي جو ڪامورو پيو اچي تہ ڪنھن مھل ٻئی پارٽي جو . ڪانڊرو بہ اھڙا ئي اعلان ٻڌي سندن پويان لڳي پيو ۽ ورڪ ۾ سرگرم نظر اچڻ لڳو اچي خير سان اليڪشن جو ڏھاڙو بہ ٿيو ۽ ڪامورا ڪامياب ٿي ويا ھاڻي واعدا پاڙڻ جو ٽائیم اچی ويو . ھاڻي روز ڪانڊري جھڙن ماڻھون جو ڀوتارن جي بنگلن تي حاضري ھوندي ھئی ۽ وڃي ڪامورن کي ڪيل سندن واعدا ياد ڏيارڻا پواندا ھيا تہ ڀوتار اوھان مونکي چيو ھو تہ توکي روزگار ڏينداسي ان ڪم لاءِ پنڌ پيو آھيان ھا بابا کوڙ ڪم ڪندا سي حاضر بابا ٿورو انتظار ڪيو ڀوتار تہ پاڻ وڃي سکيا ٿا پر غريب عوام اھو ساڳیو ئی عذاب ڀوڳي رھيو آھي ڪامورا غريب عوام جي ووٽن سان وڃي اسيمبلين تائین پوڳا ۽ سڪون واري زندگي گذاري رھيا آھن  ۽ مسڪين عوام جو پيئسو ناجائز ڪمن ۾ خرچ ڪري رھيا آھن. ھاڻي ڪانڊرو ڀوتارن جي اوطاقن جا چڪر ڪٽي ڪٽي ماٺ اختيار ڪري گھر ويھي رھيو آ. سنڌ ۾ ڪانڊري جھڙا سادا سٻاجھڙا ماڻھون ھزارن جي تعداد ۾ اھڙين سازشن جي ور چڙھي وڃن ٿا ۽ بيوقوف ٿين پيا. سندن ڪيل وعدا ڀوتارن کان وسري وڃن ٿا ...

No comments:

Post a Comment